ضياء شاهه

ضياءَ شاهه: نامور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم ضياءَ شاهه 2 مئي 1952ع تي ڪڙي نواب خان، شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي آهي. 1971ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1998ع ۾ رٽائر ٿيو. ضيا شاهه 1983ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ مسلسل لکندو پيو اچي. هن جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ‘خالي آکيرو’ ڇپيل آهي، جڏهن ته ترجمي تي کيس ‘ڪينجهر اوارڊ’ پڻ مليو اٿس. اڄڪلهه شڪارپور شهر ۾ هڪ خانگي ڪاليج ۾ سنڌي مضمون جو ليڪچرار آهي.


لفظ ضياء شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو